سرمست 22

سرمست 22

سرمست 22

سرمست 22: هن ڪڙيءَ جو مرتب پڻ مولا بخش لاڙڪ ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي آهن. ابتدا ۾ گذريل سال جي ادبي ڪانفرنس جي تصويري جهلڪين کانپوءِ هيٺيان مقالا شايع ڪيا ويا آهن: (1) سچل سرمست جي تعليم غلاميءَ خلاف (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)، (2) سچل سرمست جي سُرراڻي ۾ طالب ۽ مطلوب (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، (3) سـچـل سـائيـن انساني شرف ۽ آبروءَ جو قائد (ڊاڪٽر هدايت پريم)، (4) سچل سرمست مذهبي رواداريءَ جو امين (انعام شيخ)، (5) سنڌي راڳ جا ٻول (سرمد چانڊيو)، (6) هئي هئي ڇا ٿي پيو (مـولانـا عبـداللـطيـف سـڪــندري)، (7) حضرت سچل سرمست تي محمد علي حداد جي ڪيل تحقيقي ڪم جو جائزو (محمد پنهل ڏهر)، (10) سچل جو شارح، تنوير عباسي (امام بخش راشدي)، (11) بيخود فقير (خادم عباسي)، (12) سچل جي مارئي (مقصود گل)، (13) سچل جي سير جو ڀيرو (خان مدهوش'>احمد خان مدهوش)، (14) سچل جي شاعريءَ ۾ لساني تبديليون (برڪت بلــوچ)، (15) 180 سال اڳ سنڌ ۽ سچل جو سنيهو (حافظ محمد بخش خاصخيلي)، (16) عشق مبارڪ (ميان غلام حسين فاتح)، (17) جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي (الله آءِ سومرو'>حزب الله آءِ سومرو)، (18) سچل سرمست ڪي دور ڪي مذهبي حالات پر ايڪ نظر (پروفيسر موهن لعل پريمي). ڊيمي سائيز جي 128 صفحن تي مشتمل هي شمارو، 2001ع ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت 40 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو